ايم  بي  انصاري

ايم بي انصاري

ايم بي انصاري

ايم. بي. انصاري: ايم. بي انصاري ريڊيو پاڪستان حيدرآباد جو پهريون سنڌي پروڊيوسر ۽ بعد ۾ اسٽيشن ڊائريڪٽر ٿي رهيو آهي، سندس اصل نالو محمد بخش انصاري هو، کيس عام طرح باباءِ سنڌي براڊ ڪاسٽنگ سڏيندا آهن، هو صداڪاريءَ جي شعبي ۾ زيڊ. اي بخاريءَ جو شاگرد هو، پر ڊرامن جي ڊائلاگن ادا ڪرڻ ۾ پنهنجو مٽ پاڻ هو. ايم. بي انصاريءَ جيڪب آباد جي انصاري محلي ۾ 1931ع ۾ قادر بخش انصاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو، هو پاڻ ۾ ٽي ڀائر هئا، سندس وڏن جي روزگار بابت ڪا ڄاڻ نه آهي، البته ورهاڱي کان پوءِ ايم. بي انصاري روزگار جي سلسلي ۾ جلد ڪراچي هليو آيو، پاڻ 51-1950ع ڌاري ڪراچي ريڊيو تي آڊيشن ڏيئي ڪامياب ٿيو، صلاحيتن ۽ خوبصورت آواز جي ڪري ريڊيو جي بالا آفيسرن مان زيڊ. اي بخاريءَ کيس پنهنجي ويجهو رکيو ۽ کيس علي محمد چاڳلا جي پروڊيوسرشپ هيٺ شروع ٿيندڙ سنڌي سيڪشن ۾ اسٽاف انائونسر مقرر ڪيو. 17 آگسٽ 1955ع تي ريڊيو حيدرآباد قائم ٿيو ته انصاري صاحب کي اسٽاف انائونسر مان ترقي ڏيئي پروڊيوسر طور چاڳلا صاحب سان گڏ حيدرآباد موڪليو ويو. ريڊيو 1956ع ڌاري جڏهن حميد نسيم حيدرآباد ريڊيو اسٽيشن جو ريجنل ڊائريڪٽر ٿي آيو ته ان وقت حيدرآباد ريڊيو تي ٻه پروڊيوسر هئا، اردو پروگرامن لاءِ الياس عشقي ۽ سنڌي پروگرامن لاءِ ايم. بي انصاري. انصاري صاحب زبردست انائونسر ۽ صداڪار هو، پاڻ ڪنهن به صداڪار يا آرٽسٽ جي لفظي يا اچار جي غلطي برداشت نه ڪندو هو. ”رس رهاڻ“ ۽ ”شبستان“ سندس يادگار پروگرام رهيا آهن ۽ حال حيات سازندن جو چوڻ آهي ته ايم. بي انصاريءَ جهڙو بهترين ميوزڪ رڪارڊسٽ سنڌ کي اڄ تائين نه مليو آهي. هن زيڊ. اي بخاري ۽ حميد نسيم جي ذوق جمال مان ڪافي پرايو، آواز جي لاهه چاڙهه جو فن ڄاڻندڙ صداڪار هو، خود پسند ضرور هو، پر خوشامد پسند نه هو.
ايم. بي انصاري 31 مارچ 1991ع تي ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ مان ڊائريڪٽر جي حيثيت سان رٽائر ٿيو ۽ 11 مارچ 1993ع ۾ 62 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪيائين، کيس اباڻي شهر جيڪب آباد جي انصاري محلي ويجهو مقامي قبرستان ۾ دفن ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

00.00.1931  عيسوي

. ايم . بي انصاريءَ جيڪب آباد جي انصاري محلي ۾ 1931ع ۾ قادر بخش انصاريءَ جي گهر ۾ جنم ورتو ،


11.03.1993  عيسوي

ايم . بي انصاري 11 مارچ 1993ع ۾ 62 ورهين جي عمر ۾ ڪراچيءَ ۾ وفات ڪئي.



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

پرڀارام سنت
جي اي رحيم
ايس آر راءُ
سنان بن سلامه
سڪندر منڌرو ڊاڪٽر
دلو راءِ
سشما ديوي
حاجي محمد عظيم اعواڻ
سيف الله ميربحر
جوکيو منظور
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون